واشنگٽن -08 اپريل (اي پي پي) نيوزيلينڊ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ بندي هڪ سٺي خبر آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ مستحڪم جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قدمن جي ضرورت آهي. هن پاڪستان سان گڏو گڏ خطي جي ٻين حصيدار ملڪن ترڪيه ۽ مصر جي ڪوششن …
نيوزيلينڊ پاران آمريڪا _ ايران جنگ بندي جي آجيان

مزید خبریں
واشنگٽن -08 اپريل (اي پي پي) نيوزيلينڊ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ بندي هڪ سٺي خبر آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ مستحڪم جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قدمن جي ضرورت آهي. هن پاڪستان سان گڏو گڏ خطي جي ٻين حصيدار ملڪن ترڪيه ۽ مصر جي ڪوششن کي به ساراهيو. هن واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات دوران ايران ۾ جاري تڪرار ، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم معدنيات جي فراهمي جي تعاون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اها جنگ رڳو وچ اوڀر تائين محدود ناهي پر نيوزيلينڊ ۽ پيسيفڪ خطي سميت سموري دنيا ۾ ان جا اثر محسوس ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ان تڪرار جي پائيدار ۽ مستحڪم حل لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکي ويندي.











