لبنان جي شهر صيدا تي اسرائيلي فضائي حملا، 8 ڄڻا شهيد، 22 زخمي

بيروت-08 اپريل (اي پي پي) لبنان جي شهر صيدا تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت بيان ۾ ٻُڌايو ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات شهر تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 8 شهري شهيد ۽ 22 زخمي ٿي پيا. مقامي ميڊيا موجب هي حملو شهر جي سامونڊي علائقي (واٽر فرنٽ) تي ٿيو، فائر برگيڊ جي عملي باهه …

بيروت-08 اپريل (اي پي پي) لبنان جي شهر صيدا تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت بيان ۾ ٻُڌايو ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات شهر تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 8 شهري شهيد ۽ 22 زخمي ٿي پيا. مقامي ميڊيا موجب هي حملو شهر جي سامونڊي علائقي (واٽر فرنٽ) تي ٿيو، فائر برگيڊ جي عملي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته لبناني فوجي واقعي واري هنڌ جو گهيرو ڪري ورتو. هن ٻُڌايو ته سندس ٽيمن واقعي واري هنڌ کان 6 زخمين کي منتقل ڪيو آهي. صحت واري وزارت موجب جنگ جي شروعات کان هاڻ تائين لبنان تي ٿيل اسرائيلي حملن ۾ 1500 ماڻهن کان وڌيڪ شهيد ٿي چڪا آهن.