اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان عارضي جنگبندي جي لاءِ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي شرڪت جي تصديق ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٽڪل …
وزيراعظم پاران ايران جي صدر سان ٽيليفون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان عارضي جنگبندي جي لاءِ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي شرڪت جي تصديق ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٽڪل 45 منٽ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ان خوشگوار ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ايراني قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي کي ساراهيو جنهن جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم پاران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميزباني جي آڇ قبول ڪئي. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي جي لاءِ پڻ پنهنجي تعظيم جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان موجب هن ان ڳالهه جي پڻ تصديق ڪئي ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت ڪندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.












