ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان انتهائي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان انتهائي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، صدر پيز شڪيان ايندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ايران جي شرڪت جي توثيق ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي  هڪ بيان ۾و زيراعظم چيو …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان انتهائي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، صدر پيز شڪيان ايندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ايران جي شرڪت جي توثيق ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي  هڪ بيان ۾و زيراعظم چيو ته اڄ سندس ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان انتهائي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته هن پاڪستان پاران اسلام آباد ۾ هن هفتي جي آخر ۾ امن ڳالهه ٻولهه جي ميزباني جي آڇ قبول ڪرڻ تي ايراني قيادت جي دانشمندي ۽ بصيرت کي ساراهيو ته جيئن خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري سگهجن. وزيراعظم چيو ته صدر مسعود پيز شڪيان ايندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ايران جي شرڪت جي توثيق ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پنهنجي سمورن دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.