اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪندي ان کي امن قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سچي نيت سان ڪردار ادا ڪيو. صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي …
صدر آصف علي زرداري پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪندي ان کي امن قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سچي نيت سان ڪردار ادا ڪيو. صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت کي ساراهيندي انهن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رڪاوٽ وجهندڙ عنصرن جي خلاف هوشيار رهڻ ضروري آهي.












