چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ قطر سميت ڀائر ملڪن پاران ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ انهن جا ٿورائتا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ قطر سميت ڀائر ملڪن جا ٿورا ادا ڪيا آهن جن جنگبندي ۽ پرامن سفارتي ڪوششن جي ذريعي تڪرار جي حتمي حل طرف وڌڻ جي سلسلي ۾ بي مثال ۽ ڀرپور تعاون ڪيو. سماجي رابطي جي ويب سائيت ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ”اسلام آباد ڳالهه ٻولهه“ طرف اڳڀرائي ڪندي …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ قطر سميت ڀائر ملڪن جا ٿورا ادا ڪيا آهن جن جنگبندي ۽ پرامن سفارتي ڪوششن جي ذريعي تڪرار جي حتمي حل طرف وڌڻ جي سلسلي ۾ بي مثال ۽ ڀرپور تعاون ڪيو. سماجي رابطي جي ويب سائيت ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ”اسلام آباد ڳالهه ٻولهه“ طرف اڳڀرائي ڪندي آئون ڀائر ملڪن عوامي جمهوريه چين، سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه مصر ۽ قطر جا دل سان ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته انهن جنگبندي ۽ پرامن سفارتي ڪوششن کي هڪ جامع ۽ حتمي حل طرف وڌڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ بي مثال ۽ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو نار تعاون ڪائونسل جي ڀائر ملڪن جا پڻ ٿورا ادا ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي مسلسل حمايت ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ وابستگي اسان جي ڪوششن جي لاءِ انتهائي اهم ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته اسان جي سمورن ڀائر ملڪن ۽ آمريڪا جي قيادت امن کي هڪ موقعو ڏيڻ جي لاءِ غيرمعمولي دورانديشي، حڪمت ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته هو سڄي دنيا ۾ پنهنجي سمورن حصيدارن ۽ دوستن جا پڻ ٿورا ادا ڪري ٿو جن پاڪستان جي عالمي امن جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته اچو اسان سڀ گڏجي خطي ۽ ان کان اڳتي هڪ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪريون.