اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اولهندي ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي پائيدار حل جي لاءِ لازمي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جي مُلاقات
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اولهندي ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي پائيدار حل جي لاءِ لازمي ذريعا آهن. چيني سفير وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چين جي حڪومت پاران پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي طرفن کان ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته جاري سفارتي ڪوششون سمورين ڌرين جي مفاد ۾ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جو سبب بڻجنديون.












