وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي ملاقات

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن تازي علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير انجنيئر امير مقاموزيراعظم کي قومي ڪفايت شعاري ۽ …





اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن تازي علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير انجنيئر امير مقاموزيراعظم کي قومي ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ قدمن کي به ساراهيو ۽ چيو ته مشڪل حالتن ۾ وزيراعظم عوامي رليف جو تاريخي پيڪيج ڏنو. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.