اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي خطي ۾ امن لاءِ ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب گلگت بلتستان نگران وڏي وزير تازي بحران ۾ وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي عوام کي فراهم ڪيل رليف تي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد جي ملاقات
اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي خطي ۾ امن لاءِ ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب گلگت بلتستان نگران وڏي وزير تازي بحران ۾ وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي عوام کي فراهم ڪيل رليف تي خراج تحسين پيش ڪيو. جسٽس (ر) يار محمد وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي معاملن، خاص طور تي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو.












