اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان گُذريل رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان گُذريل رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سفارتي رابطن جي سلسلي ۾ پاڪستان جي جاري ڪوششن جي تازي اڳڀرائي کان پنهنجي مصري هم منصب کي آگاهه ڪيو.












