اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گذريل رات مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريطه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وڏي خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ لاءِ پاڪستان طرفان جاري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريطه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گذريل رات مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريطه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وڏي خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ لاءِ پاڪستان طرفان جاري سفارتي ڪوششن ۽ ڳالهه ٻولهه جي تسلسل ۽ موجُوده صورتحال بابت پنهنجي هم منصب کي آگاهه ڪيو.












