نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان گذريل رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطن کي اڳتي …





اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان گذريل رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ان ڏس ۾ جاري ڪوشسن جي تازي اڳڀرائي بابت پنهنجي ترڪ هم منصب کي آگاهه ڪيو.