نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/نائب صدر ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/نائب صدر ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفون تي تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر …

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/نائب صدر ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفون تي تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪيو. يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/نائب صدر نائب وزيراعظم جي ڪوششن تي ٿورا مڃيا ۽ سفارتڪاري جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، جنهن ۾ ڌرين جي وچ ۾ شروعاتي جنگبندي ٿيڻ ۾ مدد به شامل آهي. هن ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن لاءِ يورپي يونين جي مڪمل حمايت جو به اظهار ڪيو.