نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قطر جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قطر جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي سان اربع ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي …

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قطر جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي سان اربع ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪيو. قطري مملڪتي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني طرفان نيڪ تمنائن جو پيغام پڻ پهچايو