اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ کي ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل آهن، حڪومت موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعامل ڪندڙن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 28 فيبروري کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جڏهن ته فريٽ چارجز …
پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل آهن، حڪومت موٽر سائيڪل ۽ رڪشا رکندڙن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي: اعظم نذير تارڙ
اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ کي ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل آهن، حڪومت موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعامل ڪندڙن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 28 فيبروري کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جڏهن ته فريٽ چارجز به وڌي ويا آهن جنهن سان آمدني واپاري لاڳت ۾ واڌ ٿي. هن ٻُڌايو ته ڪچي تيل جي قيمت جيڪا پهرين اٽڪل 67 ڊالر في بيرل هئي هاڻ وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڪمپنين طرفان وصول ٿيندڙ پريميم به 5 کان 7 ڊالر في بيرل مان وڌي 50 ڊالر تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون من پسند طور تي مقرر نٿيون ڪري سگهجن، ڇاڪاڻ ته پيٽروليم شيون عالمي مارڪيٽ ريٽس، فريٽ ۽ ٻين خرچن موجب آمدني واپار ڪيون وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي آهي جڏهن ته ڪجهه ملڪن ۾ پيٽرول پمپس ٻاهران قطارون ڏٺيون ويون. هن ٻُڌايو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان رابطن کان پوءِ پيٽروليم ليوي ۾ ايڊجسٽمينٽ ڪئي آهي ته جيئن ڪجهه رليف ڏئي سگهجي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ممڪن ٿي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي موٽر سائيڪل سوارن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين لاءِ 100 رپيا في ليٽر تائين سبسڊي ڏني پئي وڃي جيڪا ماهوار 20 ليٽر تائين محدود هوندي ۽ اها رقم ڊجيٽل والٽس ذريعي منتقل ڪئي ويندي. هن اهو به چيو ته حڪومت موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪفايت شعاري ڪئي آهي، جن ۾ وفاقي حڪومت جي ٻارڻ ۽ ٽرانسپورٽ خرچن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي شامل آهي. قانون واري وزير موجب ڪابينا ميمبرن سرڪاري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون آهن ۽ وزيراعظم جي هدايت تي ڇهن مهينن جون پگهارون رضاڪاراڻي طور تي ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته موجوده علائقائي حالتن ۾ قومي سطح تي ذميداريءَ جو مظاهرو ضروري آهي ۽ سمورن طبقن کي اپيل ڪئي ته هو توانائيءَ جي بچت ۽ ٻين ڪفايتي قدمن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.












