نئين دهلي-07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ويساکي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي 2800 کان وڌيڪ ياترين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا. ياتري 10 کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ رٿيل سالياني تقريبن ۾ شرڪت ڪندا ۽ پنهنجي دؤري دوران ياتري مختلف مقدس ماڳن جي زيارت ڪندا، جن ۾ گورودواره پنجه صاحب، گوردواره ننڪانه صاحب ۽ گوردواره ڪرتارپور صاحب شامل آهن. ان خوشيءَ جي موقعي تي ناظم الامور سعد …
پاڪستان ويساکي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي 2800 کان وڌيڪ ياترين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا
نئين دهلي-07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ويساکي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي 2800 کان وڌيڪ ياترين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا. ياتري 10 کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ رٿيل سالياني تقريبن ۾ شرڪت ڪندا ۽ پنهنجي دؤري دوران ياتري مختلف مقدس ماڳن جي زيارت ڪندا، جن ۾ گورودواره پنجه صاحب، گوردواره ننڪانه صاحب ۽ گوردواره ڪرتارپور صاحب شامل آهن. ان خوشيءَ جي موقعي تي ناظم الامور سعد احمد وڙائچ ياترين کي دلي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته هي دؤرو پاڪستان جي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مختلف مذهبي ورثي جي ماڳن جي هڪ باوقار امين طور پاڪستان رواداري، خيرسگالي ۽ گڏيل احترام جي عالمي اصولن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.












