وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال، عالمي توانائي مارڪيٽن تي ان جي اثرن ۽ پاڪستان جي توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڌرين علائقائي بحران ۽ ان جي پيٽروليم سپلاءِ چين، قيمتن ۾ …

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال، عالمي توانائي مارڪيٽن تي ان جي اثرن ۽ پاڪستان جي توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڌرين علائقائي بحران ۽ ان جي پيٽروليم سپلاءِ چين، قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ مجموعي توانائي تحفظ تي اثرن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار کي ساراهيو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران سميت اهم ڌُرين سان پنهنجي خيرسگالي ۽ رابطن کي اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪيو آهي. هن پاڪستان جي پيٽروليم سپلاءِ صورتحال کي ساراهيندي چيو ته عالمي غير يقيني صورتحال باوجود پاڪستان پيٽروليم مصنوعات جي بنا رنڊڪ دستيابي کي يقيني بڻايو ۽ مارڪيٽ ۾ بگاڙ کان بچاءُ ممڪن بڻايو. علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ وارين ڳالهين ۽ سفارتي رابطن کي جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ حڪومت بحران جي پُرامن حل لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سپلاءِ چين جي تسلسل کي يقيني بنائڻ لاءِ وقت سر قدم کنيا. هن چيو ته 2022ع ۾ اختيار ڪيل پاپولزم قدم معيشت لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيا، ان لاءِ حڪومت سپلاءِ چين جي استحڪام کي ترجيح ڏني. وفاقي وزير سعودي عرب، يو اي اي ۽ عمان سميت دوست ملڪن جي سهڪار کي ساراهيو، جن ڏُکئي وقت ۾ پيٽروليم سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. هن ماضيءَ ۾ قطر جي معاونت جو حوالو ڏيندي چيو ته قطر پاڪستان کي اٽڪل 10 ڊالرن ۾ ايل اين جي فراهم ڪئي جڏهن ته عالمي قيمت 30 ڊالرن جي ويجهو هئي ۽ معاهدي جي انتظامن تي بار بار ڳالهيون ڪري سهڪار جو مظاهرو ڪيو. هن مقامي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن شعبي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ملڪي ڪمپنين ڏُکين حالتن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀاڻ جون قيمتون خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن ۽ حڪومت ڪمزور طبقن کي هدفي سبسڊيز فراهم ڪري رهي آهي. هاءِ ڪمشنر توانائيءَ جي شعبي ۾ ڊگهي مُدي واري سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو ۽ برٽش جيولوجيڪل سروي ۽ جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان وچ ۾ جاري فني سهڪار جو حوالو ڏنو. وفاقي وزير اوگرا سميت ريگيوليٽري ادارن جي سگهه وڌائڻ ۽ اداره جاتي سڌارن ۾ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون، جنهن تي هاءِ ڪمشنر دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين توانائي، سلامتي، معدني، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ فني سهڪار ۽ اداره جاتي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.