صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو پيغام

ڪراچي- 07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 7 اپريل تي سڄي دنيا ۾ صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صحتمند قوم ئي ترقي جي ضامن آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ تاريخي قدم کنيا آهن، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ جديد …

ڪراچي- 07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 7 اپريل تي سڄي دنيا ۾ صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صحتمند قوم ئي ترقي جي ضامن آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ تاريخي قدم کنيا آهن، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان جون سڀ کان وڏيون ۽ معياري اسپتالون سنڌ ۾ موجود آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ پرعزم آهي، اسان جي حڪومت عوام کي مفت دوائون ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ماءُ ۽ ٻار جي صحت واري پروگرام کي وسيع ڪيو ويو آهي، ايمرجنسي ميڊيڪل سروسز کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ جي پراڻين اسپتالن جي اپ گريڊيشن ڪئي وئي آهي، سڄي صوبي ۾ نيون اسپتالون ۽ پرائمري هيلٿ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. سکر ۾ جديد اسپتالون ايس آءِ يو ٽي ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (SICH) قائم ڪيون ويون، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (ايس آءِ سي وي ڊي) جي نيٽ ورڪ کي وسيع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (اين آءِ سي وي ڊي) جا سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH) ۾ جديد صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي ايڇ ۾ ننڍڙن ٻارن ۽ ٻارن جي انتهائي نگهداشت واري يونٽ کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيت يافته عملي ذريعي ٻارن جي علاج جو معيار بهتر ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورنگي ۾ 1200 بسترن جي جديد دل جي اسپتال جي تعمير هيٺ آهي، ڪراچي جي رزاق آباد نيشنل هاءِ وي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جاري آهي. هن چيو ته اچو ته گڏجي هڪ صحتمند ۽ خوشحال سنڌ جي تعمير ڪريون.