صدر آصف علي زرداري کي ڪيوبا، ايٿوپيا، پرتگال، اسپين ۽ تنزانيه جي نامزد سفيرن، سنگاپور جي نامزد هاءِ ڪمشنر سفارتي سندون پيش ڪيون

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪيوبا، ايٿوپيا، پرتگال، اسپين ۽ تنزانيه جي نامزد سفيرن جڏهن ته سنگاپور جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ پنهنجون سفارتي ذميواريون شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن جون مقرريون ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام …

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪيوبا، ايٿوپيا، پرتگال، اسپين ۽ تنزانيه جي نامزد سفيرن جڏهن ته سنگاپور جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ پنهنجون سفارتي ذميواريون شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن جون مقرريون ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪيوبا جي نامزد سفير ڊيمين ڪورڊيرو ٽورس سان ملاقات دوران صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي توثيق ڪئي. هن صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ڪيوبا جي تعاون خاص طور تي ميڊيڪل اسڪالرشپس کي ساراهيو ۽ صحت، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي زور ڏنو، جڏهن ته گهڻ رخي فورمز تي جاري حصيداري کي پڻ اهم قرار ڏنو. صدر 2005ع جي زلزلي دوران ڪيوبا پاران فراهم ڪيل امداد تي ٿورن جو  اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهو انساني همدرديءَ تي ٻڌل تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي هڪ پائيدار علامت آهي. ايٿوپيا جي نامزد سفير عمر حسين اوبا سان ملاقات ۾ صدر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي قيام ۽ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ رابطن جو ذڪر ڪندي واپار، هوابازي، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرتگال جي نامزد سفير پائولو ميگوئل گوئيدس دومينگش سان ملاقات ۾ صدر پرتگال سان ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ تحت لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن واپار ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ بليو اڪانومي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار، ليبر موبيلٽي ۽ تعليمي مٽاسٽا جي امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو. اسپين جي نامزد سفير ڪارلوس آراگون گل دي لا سرنا سان ملاقات ۾ صدر سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي سنگ ميل جو ذڪر ڪيو ۽ گهڻ رخي نظام جي لاءِ اسپين جي عزم کي ساراهيو. هن جي ايس پي پلس تحت مضبوط واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ تعاون جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ محفوظ ۽ قانوني هجرت سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. هن نار بحران جي حوالي سان اسپين جي اصولي موقف کي ساراهيو ۽ چيو ته اهو ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ عالمي قانون جي پاسداري جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. تنزانيه جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) يعقوب حسن محمد سان ڳالهائيندي صدر تنزانيه ۽ اوڀر آفريقي برادري سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنيڪي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ مضبوط ڪاروباري رابطن، بهتر رابطا ڪاري ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. سنگاپور جي نامزد هاءِ ڪمشنر اسحاق بن اسماعيل سان ملاقات ۾ صدر سنگاپور کي هڪ اهم علائقائي حصيدار قرار ڏيندي واپار، فن ٽيڪ، انفراسٽرڪچر ۽ خدمتن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار، بهتر رابطا ڪاري ۽ موسمياتي ۽ ڊيجيٽل معيشت جي قدمن ۾ حصيداري جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سفيرن جي اچڻ تي انهن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. قومي ترانا وڄايا ويا ۽ سفيرن سفارتي سندون پيش ڪرڻ کان اڳ پريڊ جو معائنو ڪيو.