اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غور هيٺ معاملن تي جاري مشاورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غور هيٺ معاملن تي جاري مشاورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












