ٻارن جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت ۾ اثرائتي سيڙپڪاريءَ ذريعي پاڪستان کي خوشحال ۽ اُسرندڙ ملڪ بڻائي سگهجي ٿو: احسن اقبال

اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻارن جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت ۾ اثرائتي سيڙپڪاريءَ ذريعي پاڪستان کي خوشحال ۽ اُسرندڙ ملڪ بڻائي سگهجي ٿو، اها ئي قوم پائيدار ترقي حاصل ڪري ٿي جيڪا تعليم خاص ڪري ٻارن جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت کي ترجيح ڏئي ٿي. هن استادن ۽ ميڊيا تي زور ڀريو ته هو …

اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻارن جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت ۾ اثرائتي سيڙپڪاريءَ ذريعي پاڪستان کي خوشحال ۽ اُسرندڙ ملڪ بڻائي سگهجي ٿو، اها ئي قوم پائيدار ترقي حاصل ڪري ٿي جيڪا تعليم خاص ڪري ٻارن جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت کي ترجيح ڏئي ٿي. هن استادن ۽ ميڊيا تي زور ڀريو ته هو ان شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ۽ اثرائتو آواز بلند ڪن ته جيئن ان ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”ارلي چائلڊ هڊ ڊولپمينٽ“ جي موضوع تي رٿيل پنجين عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شروعاتي تعليم ڪنهن به معاشري جي بنيادي سِر آهي ۽ ان مرحلي تي معياري تعليم، سازگار ماحول ۽ اثرائتي تربيت ٻارن کي مستقبل جو ذميدار ۽ باصلاحيت شهري بڻائي ٿي. ڪانفرنس ۾ قومي ۽ عالمي تعليم جي ماهرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شروعاتي عمر ۾ سکڻ جي صلاحيت عروج تي هوندي آهي، ان لاءِ ٻارن جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي واڌ ويجهه تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. مقررن چيو ته اي سي ڊي مرڪز جي نصاب کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ، استادن جي تربيت ۽ والدين جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته راندين ذريعي سکڻ کي هٿي ڏياري وڃي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر ظفر مرزا، پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود، نصر الدين روپاني، پروفيسر محمد رفيق طاهر، پرنيل آئرنٽ سائيڊ ۽ ڊاڪٽر ايلن ٽان، ڊاڪٽر خديجه سميت ٻيا ماهر شامل هئا.