اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزقايا پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جو دؤرو ڪيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن عدالتي سهڪار جا نوان موقعا ۽ آئيني تجربن جي مٽاسٽا تي ڳالهيون ڪيون. ان ملاقات جو مقصد آئيني حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ آهي. وفد جي قيادت جسٽس قادر اوزقايا ڪئي. وفد ۾ ترڪيه جا سينيئر ججز …
ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر جو وفاقي آئيني عدالت جو دؤرو، آئيني عدالت جي ڪارڪردگي، عدالتي آزادي ۽ بنيادي حقن جي تحفظ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزقايا پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جو دؤرو ڪيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن عدالتي سهڪار جا نوان موقعا ۽ آئيني تجربن جي مٽاسٽا تي ڳالهيون ڪيون. ان ملاقات جو مقصد آئيني حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ آهي. وفد جي قيادت جسٽس قادر اوزقايا ڪئي. وفد ۾ ترڪيه جا سينيئر ججز ۽ عدالت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان، آئيني عدالت جي ججن، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، اٽارني جنرل آف پاڪستان عثمان منصور اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي وفدن ملاقات دوران عدالتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آئيني عدالتن جي ڪارڪردگي، عدالتي آزادي ۽ بنيادي حقن جي تحفظ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ قانوني مهارت جي مٽاسٽا، ججز جي تربيت ۽ آئيني عدالتن جي بهترين عملي تجربن جي ڀائيواريءَ تي به زور ڀريو. هي دؤرو پاڪستان ۽ ترڪيه جي ناتن کي دفاعي ۽ واپار کان اڳتي وڌائيندي عدالتي ۽ آئيني سهڪار جي نَون شعبن ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم سمجهيو پيو وڃي. قانوني ماهرن موجب اهڙي مٽاسٽا پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت لاءِ اداره جاتي سکڻ ۽ تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. ٻنهي ملڪن جي وفدن ملاقات جي پڄاڻيءَ تي اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري رکڻ ۽ عدالتي سهڪار لاءِ باقاعده مڪينزم قائم ڪرڻ جو عزم به ڪيو جنهن سان آئينده عدالتي ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.












