قازقستان جي سفير جي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ملاقات

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪستافن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌُرين ثقافت ۽ ورثي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايندڙ آستانه جي دؤري کان اڳ گڏيل ثقافتي پروگرامن جي ريهرسل لاءِ …

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪستافن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌُرين ثقافت ۽ ورثي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايندڙ آستانه جي دؤري کان اڳ گڏيل ثقافتي پروگرامن جي ريهرسل لاءِ پاڪستاني ثقافتي وفد اُماڻڻ جي درخواست ڪئي. اهو وفد وزيراعظم جي آمد تي آجياڻي تقريب ۾ موسيقيءَ جو مظاهرو پيش ڪندو. ملاقات ۾ پنجاب مان ايم پي اي جهانزيب خان کچي به موجود هو. سفير ٻُڌايو ته هي دؤرو قازقستان جي صدر جي هاڻوڪي پاڪستان جي دؤري جو تسلسل هوندو جنهن دوران هن وزيراعظم پاڪستان کي آستانه اچڻ جي دعوت ڏني هئي. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته گلوڪارن ۽ قوالن تي ٻَڌل هڪ ثقافتي وفد قازقستان اُماڻيو ويندو ۽ پاڪستان جا عالمي ناليوارا قوال ان موقعي تي پنهنجي فنڪاراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ان موقعي تي ٻُڌايو ته وفاقي وزير جي هدايت موجب پاڪستان مختلف ملڪن ۾ گنڌارا ۽ موهن جو دڙو جهڙين قديم تهذيبن جي نمائندگي ڪندڙ فنِ تعمير ۽ دستڪاريءَ کي اجاگر ڪري رهيو آهي ۽ ضرورت موجب آستانه ۾ به ان جو مظاهرو ڪيو ويندو. سفير وڌيڪ ٻُڌايو ته گڏيل مشاورت تحت اسلام آباد ۾ سينٽر فار ميوزيڪل انسٽرومنٽس جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس درخواست تي ان مرڪز کي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، جڏهن ته ان جي باقاعده منظوري وزارت جي آئينده بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ ورتي ويندي. ان موقعي تي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي طئي ٿيل روڊ ميپ موجب ثقافتي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافت جي شعبي ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. سفير لاهور ميوزيم ۽ نيشنل ميوزيم ڪراچيءَ جي دؤري جي به دلچسپي ظاهر ڪئي، جتي ٻنهي ملڪن جي ماهرن گڏيل طور تي آستانه ۾ منعقد ٿيندڙ نمائش لاءِ نوادرات جي چونڊ ڪندا. وفاقي وزير ان سلسلي ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران سفير وفاقي وزير کي آستانه جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. وفاقي وزير به قازقستان جي ثقافتي وفد کي پاڪستان اچڻ ۽ پنهنجي موسيقي ۽ رقص جي روايتي پرفارمنس پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ٻُڌايو ته ترڪيه، تاجڪستان ۽ ٻين ملڪن جا ثقافتي وفد به پاڪستان جو دؤرو ڪري چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته ثقافتي مٽاسٽا ٻه طرفي سهڪار جو اهم ٿنڀ آهن ۽ پاڪستان حڪومت وچ ايشيائي رياستن سان ناتن کي هٿي وٺرائڻ کي خاص اهميت ڏئي ٿو.