پاڪستان ۽ يوريشين يونين وچ ۾ واپاري معاهدي لاءِ ڳالهيون جلد شروع ڪيون وينديون: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) يوريشين اڪنامڪ يونين پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ اهم واپاري ڀائيوار قرار ڏئي ڇڏيو. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان يوريشين اڪنامڪ يونين (اي اي اي يو) جي بورڊ ميمبر ۽ ڪميشن جي انچارج منسٽر آف ٽريڊ آندري سلپنيف سان ورچوئل ملاقات ڪئي. اي اي اي يو جي عهديدار پاڪستان کي خطي ۾ اهم ۽ اُڀرندڙ واپاري ڀائيوار قرار ڏنو. هن چيو ته …

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) يوريشين اڪنامڪ يونين پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ اهم واپاري ڀائيوار قرار ڏئي ڇڏيو. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان يوريشين اڪنامڪ يونين (اي اي اي يو) جي بورڊ ميمبر ۽ ڪميشن جي انچارج منسٽر آف ٽريڊ آندري سلپنيف سان ورچوئل ملاقات ڪئي. اي اي اي يو جي عهديدار پاڪستان کي خطي ۾ اهم ۽ اُڀرندڙ واپاري ڀائيوار قرار ڏنو. هن چيو ته يوريشين يونين ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سان ناتا مضبوط بنائڻ لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. ڄام ڪمال خان لاجسٽڪس، توانائي، ڊجيٽل واپار ۽ صنعتي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ يوريشين يونين وچ ۾ واپاري معاهدي لاءِ ڳالهيون جلد شروع ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي کانپوءِ ترجيحي واپاري نظام متعارف ڪرايو ويندو جنهن تي ٻنهي ملڪن گڏيل فزيلبلٽي اسٽڊي گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.