اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته معاشي ڏُکيائين باوجود ٽيڪس جا بنيادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، مختلف شعبن ۾ انوائس سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ جميعت علماءِ اسلام جي ميمبر عاليه ڪامران جي هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن دوران ٽيڪس روينيو ۾ گهٽتائيءَ بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس …
معاشي ڏُکيائين باوجود ٽيڪس جا بنيادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته معاشي ڏُکيائين باوجود ٽيڪس جا بنيادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، مختلف شعبن ۾ انوائس سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ جميعت علماءِ اسلام جي ميمبر عاليه ڪامران جي هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن دوران ٽيڪس روينيو ۾ گهٽتائيءَ بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته ايران جي جنگ کان پهرين پيٽرول تي 84 ۽ ڊيزل تي 76 روپيا ليوي هئي جيڪا حڪومت واپس وٺي ڇڏي. حڪومت موجوده صورتحال ۾ ٽن هفتن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌڻ نه ڏنيون ۽ قطارون به لڳڻ نه ڏنيون ۽ تيل جي فراهمي يقيني بڻائي. هن چيو ته ڪيترن ئي هفتن تائين اربين رپين جي سبسڊي ڏيڻ کان پوءِ جڏهن قيمتين ۾ واڌ اڻٽر ٿي وئي، تڏهن صوبن سان صلاح مشوري سان قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته گڏوگڏ سبسڊيءَ جو به اعلان ڪيو ويو. آبادگار، واپاري، نوڪري پيشه ماڻهو، ٽرانسپورٽر، موٽر سائيڪل وارن کي سبسڊي ڏني وئي. هن ٻُڌايو ته محدود وسيلن باوجود حڪومت 129 ارب رپين جي سبسڊي ڏني. مملڪتي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن ۽ معاشي صورتحال کي به ڏسڻو آهي. اڄ سڄي دنيا ان صورتحال کان متاثر آهي. اُسرندڙ ملڪن ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن سان آمريڪا به متاثر آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام طرف اڳڀرائيءَ لاءِ کنيل قدمن کي به ان صورتحال کان پوءِ جاري رکڻ لاءِ ڪوشان آهيون. حڪومت ٽيڪس نيٽ ورڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وڌيڪ به کڻندي. بلال اظهر ڪياني چيو ته پروڊڪشن مانيٽرنگ، ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏئي رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال محصولن جو پرائمري هدف حاصل ڪيو ويندو. فيبروريءَ ۾ ڪجهه فرق ضرور آيو، ان باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي ليوي ۾ 80 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت شوگر، سيمنٽ، ٽوبيڪو سميت ٻين شعبن ۾ ڊجيٽل انوائس سسٽم متعارف ڪرائي رهي آهي، ڪئميرائون لڳائي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آندو ويو آهي. معاشي ڏُکيائين باوجود پنهنجا پرائمري هدف حاصل ڪنداسين ۽ عوام کي به ڏُکيائين کان بچائڻ لاءِ ڪوشان آهيون. اڄڪلهه جنگ جي حالت آهي اسان کي پنهنجي عوام کي به ان جي اثرن کان بچائڻو آهي ۽ معاشي استحڪام کي به جاري رکڻو آهي.












