پاڪستان پاران سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ توانائي جي ٺڪاڻن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ توانائي جي ٺڪاڻن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏکويل آهي ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان جي شديد مذمت ڪري …

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ توانائي جي ٺڪاڻن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏکويل آهي ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان جي شديد مذمت ڪري ٿو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت مارجي ويلن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي ۽ ان مشڪل گهڙيءَ ۾ سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿي. بيان موجب پاڪستان حڪومت انهن حملن کي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ خطرناڪ ڇڪتاڻ قرار ڏي ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.