اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو مذمت جوڳو قدم مقدس جڳهه جي حرمت ۽ ان جي تاريخي تشخص تي سڌوسنئون حملو ۽ عالمي قانون سميت گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان …
پاڪستان پاران مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي مذمت
اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو مذمت جوڳو قدم مقدس جڳهه جي حرمت ۽ ان جي تاريخي تشخص تي سڌوسنئون حملو ۽ عالمي قانون سميت گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسرائيلي قابض عملدارن پاران مسجد اقصيٰ جي مذهبي، تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل يا ڪمزور ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي قطعي طور تي رد ڪري ٿو. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو اهڙي اشتعال انگيز قدمن جي روڪٿام جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻي. بيان موجب پاڪستان فلسطيني عوام جي منصفاڻي موقف جي پنهنجي اڻٿڪ ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن ۾ انهن جو خودمختياري جو حق پڻ شامل آهي ۽ هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ ان جاگرافيائي طور تي واڳيل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.












