لاڙڪاڻو- 07 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار.ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل مطابق نئون ديرو ٿاڻي جي حد سکر ڦاٽڪ ويجهو گشت دوران لاڙڪاڻو پوليس ۽ ڦورو آمھون سامھون ٿي ويا.ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي ڦورو کان هڪ عدد پستول ۽ مئگزين ھٿ ڪئي وئي آهي .زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ عارف دستي جي نالي سان ٿي …
لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلو، 2 ڦور زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 07 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار.ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل مطابق نئون ديرو ٿاڻي جي حد سکر ڦاٽڪ ويجهو گشت دوران لاڙڪاڻو پوليس ۽ ڦورو آمھون سامھون ٿي ويا.ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي ڦورو کان هڪ عدد پستول ۽ مئگزين ھٿ ڪئي وئي آهي .زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ عارف دستي جي نالي سان ٿي آهي. زخمي ڦورو عادي ڏوهاري آهي. هو اڳ به پوليس مقابلي دوران زخمي ٿي جيل وڃي چڪو آهي. ڄاڻايل ڦورو ساٿي جتوئي ۽ ڪيهو جتوئي گينگ جو اھم ساٿي آهي. ٻئي پوليس مقابلي ۾ هڪ ٻي ڦورو کي 30 بور جي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. رحمتپورٿاڻي جي حد پير مراد شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڦورن کي ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو. مقابلي دوران ٻنهي طرفان جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦورو کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ بابر جي نالي سان ٿي آھي. شروعاتي جاچ مطابق ڄاڻايل ڦورو سنگين نوعيت جي ڏوھن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي .فرار ٿي ويل ملزمن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.











