گڏيل قومن پاران ايران جي بجلي گهرن ۽ پلين تي آمريڪي حملن جي ڌمڪي تي ڳڻتي جو اظهار

گڏيل قومون _ 7 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن آمريڪا طرفان ايران جي بجلي گهرن ۽ پلين تي امڪاني حملن جي ڌمڪي وارن بيانن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي چيف ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ روزانو واري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان کي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ڏنل بيان تي ڳڻتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ايران ڪنهن معاهدي تي …

گڏيل قومون _ 7 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن آمريڪا طرفان ايران جي بجلي گهرن ۽ پلين تي امڪاني حملن جي ڌمڪي وارن بيانن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي چيف ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ روزانو واري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان کي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ڏنل بيان تي ڳڻتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ايران ڪنهن معاهدي تي متفق نه ٿيندو ته آمريڪي حملا بجلي گهرن، پلين ۽ ٻين بنيادي ڍانچي تي ڪيا ويندا . گڏيل قومن سمورين ڌرين تي  زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪن ۽ عالمي قانون مطابق معاملا حل ڪن ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رهي.