ويٽنام جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري تولام ملڪ  جو نئون صدر چونڊجي ويو

هنوئي _7 اپريل  (اي پي پي) ويٽنام جي قومي اسيمبلي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري تولام کي  سال 2026 ع کان سال 2031ع لاءِ ملڪ جو نئون صدر چونڊڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 495 حاضر ميمبرن ان چونڊ قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنا. تولام مئي کان آڪٽوبر 2024ع تائين ملڪ جي صدر جي عهدي تي مقرر رهي چڪو آهي. تولام سال 2024ع ۾ …

هنوئي _7 اپريل  (اي پي پي) ويٽنام جي قومي اسيمبلي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري تولام کي  سال 2026 ع کان سال 2031ع لاءِ ملڪ جو نئون صدر چونڊڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 495 حاضر ميمبرن ان چونڊ قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنا. تولام مئي کان آڪٽوبر 2024ع تائين ملڪ جي صدر جي عهدي تي مقرر رهي چڪو آهي. تولام سال 2024ع ۾ 13 هون مرڪزي ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو هو ۽ 23 جنوري 2026ع تي 14 هين مرڪزي ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ ٻيهر ان عهدي تي چونڊجي ويو هو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صدارت جي مدي دوران هنر مند افرادي سگهه تيار ڪئي ويندي، ادارن ۽ حڪمراني ۾ بهتري آڻڻي پوندي ته جيئن هڪ جديد ، جامع ۽ پائيدار معاشرو قائم ٿي سگهي ۽ ويٽنام عالمي طور سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي رجحان  سان گڏ هلي سگهي.