چين ۾ چينگ منگ موڪلن دوران چيني فلم باڪس آفيس جو نئون رڪارڊ

بيجنگ _ 7 اپريل (اي پي پي)چين ۾ چينگ منگ موڪلن دوران چيني فلم باڪس آفيس جي آمدني نئون رڪارڊ  قائم ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آن لائين پليٽ فارم جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته 6 اپريل تائين چين ۾ چنگ منگ موڪلن دوران فلم باڪس آفيس (خاص ڪري پري سيلز) جو مجموعي روينيو 305 ملين يوآن تائين پهچي ويو آهي. ان ۾ اسڪريننگ جو انگ 1.4549 ملين …

بيجنگ _ 7 اپريل (اي پي پي)چين ۾ چينگ منگ موڪلن دوران چيني فلم باڪس آفيس جي آمدني نئون رڪارڊ  قائم ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آن لائين پليٽ فارم جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته 6 اپريل تائين چين ۾ چنگ منگ موڪلن دوران فلم باڪس آفيس (خاص ڪري پري سيلز) جو مجموعي روينيو 305 ملين يوآن تائين پهچي ويو آهي. ان ۾ اسڪريننگ جو انگ 1.4549 ملين رهيو. جنهن چيني فلمي تاريخ ۾ چنگ منگ موڪلن دوران اسڪريننگ جي انگ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن سال چينگ منگ موڪلن دوران رليز ٿيل فلمون مختلف قسمن جو احاطو ظاهر ڪن ٿيون. جن ۾ انقلابي تاريخي ٿيٽر ۽ دل  ڏڪائيندڙ حقيقيت پسنداڻا موضوع به شامل آهن. ان کان علاوه، چينگ منگ موڪلن دوران فلم سيزن ڊرامه، دستاويزي فلمون ۽ اينيميشنز سميت ٻين ڪيترن قسمن جون فلمون به پيش ڪيون ويون.