آمريڪا _7 اپريل (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا 03 شاندار تصويرون جاري ڪيون آهن جيڪي آرٽيمس 2 مشن جا خلا باز چنڊ جي سفر دوران پنهنجي آءِ فون 17 پروميڪس تان ڪڍيون هيون . پرڏيهي ميڊيا مطابق فيبروري ۾ ناسا ٻڌايو هو ته آءِ فون مدار ۾ ڊگهي استعمال لاءِ سموريون ضروري ٽيسٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ اورين خلائي جهاز تي سوار عملي جي چئني ميمبرن کي ذاتي …
آمريڪي خلائي اداري ناسا مشن آرٽمس 2 جي خلا بازن جون تصويرون جاري

مزید خبریں
آمريڪا _7 اپريل (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا 03 شاندار تصويرون جاري ڪيون آهن جيڪي آرٽيمس 2 مشن جا خلا باز چنڊ جي سفر دوران پنهنجي آءِ فون 17 پروميڪس تان ڪڍيون هيون . پرڏيهي ميڊيا مطابق فيبروري ۾ ناسا ٻڌايو هو ته آءِ فون مدار ۾ ڊگهي استعمال لاءِ سموريون ضروري ٽيسٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ اورين خلائي جهاز تي سوار عملي جي چئني ميمبرن کي ذاتي تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ لاءِ آءِ فون 17 پروميڪس ڏنو ويو آهي. انهن تصويرن ۾ آرٽيمس 2 مشن جو ڪمانڊر وائز مين ۽ مشن اسپيشلسٽ ڪرسٽينا ڪوچ کي اورين خلائي جهاز جي مرڪزي ڪيبن جي هڪ حصي کان زمين طرف ڏسندي ڏيکاريو ويو آهي . فلڪر ويب سائيٽ جي ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها تصوير آءِ فون _ 17 پروميڪس جي فرنٽ ڪيمرا تان 2 اپريل تي ورتي وئي هئي جيڪو مشن جو ٻيو ڏينهن هو . آرٽيمس 2، 1972 بعد ناسا جو چنڊ طرف پهريون انساني مشن آهي.











