آمريڪا ۽ ايران  جي جنگ سان عوامي ڪاروباري سطح تي يورو جي طلب ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو: بلغاريه

صوفيه _ 7 اپريل (اي پي پي) يورپي ملڪ بلغاريه  چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ سبب عوامي ۽ ڪاروباري سطح تي يورو جي وڌندڙ طلب ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه بلغاريه جي مرڪزي بينڪ جي گورنر هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته بلغاريه پهرين جنوري سال 2026 ع تي يورو کي قانوني ڪرنسي طور اپنايو آهي جنهن بعد مهانگائي …

صوفيه _ 7 اپريل (اي پي پي) يورپي ملڪ بلغاريه  چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ سبب عوامي ۽ ڪاروباري سطح تي يورو جي وڌندڙ طلب ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه بلغاريه جي مرڪزي بينڪ جي گورنر هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته بلغاريه پهرين جنوري سال 2026 ع تي يورو کي قانوني ڪرنسي طور اپنايو آهي جنهن بعد مهانگائي ۾ صرف معمولي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. سندس چوڻ هو ته مهانگائي ۾ صرف 0.3 کان 0.4 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ مارچ ۾ يورو زون جي شرح ويجهو اچي وئي . بلغاريه جي سينٽرل بينڪ جي گورنر چيو ته شروعاتي طور تي يورو کي عوامي حمايت 45 سيڪڙو هئي پر هاڻي اها 54 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته ڪاروباري طبقي ۾ حمايت 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ۽ ايران جنگ سبب اقتصادي تحفظ جو قدر وڌڻ سان يورو جي حمايت وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿي.