سعودي عرب ۽ روس وچ ۾ ويزا فري داخلا جي معاهدي تي عملدرآمد جو اعلان

رياض-07 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب روس لاءِ ويزا فري داخلا جي معاهدي تي 11 مئي کان عملدرآمد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سعودي عرب ۽ روس جي شهرين لاءِ وزٽ ويزا کان گڏيل ڇوٽ جو معاهدو 11 مئي کان لاڳو ٿيندو. پرڏيهي وزارت موجب اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي شهرين کي بنا ويزا جي داخلا جي سهولت فراهم ڪري …

رياض-07 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب روس لاءِ ويزا فري داخلا جي معاهدي تي 11 مئي کان عملدرآمد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سعودي عرب ۽ روس جي شهرين لاءِ وزٽ ويزا کان گڏيل ڇوٽ جو معاهدو 11 مئي کان لاڳو ٿيندو. پرڏيهي وزارت موجب اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي شهرين کي بنا ويزا جي داخلا جي سهولت فراهم ڪري ٿو جنهن تحت عيسوي سال دوران وقفي وقفي سان 90 ڏينهن تائين قيام جي اجازت هوندي ان ڪري سعودي پرڏيهي وزارت ٻنهي ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا ڇوٽ جا 4 شرط لاڳو ڪيا آهن جنهن ۾ سياحت، ڪاروباري دورا، رشتيدارن سان ملاقات ۽ دوستن سان ملڻ شامل آهي.