ايران ۾ جنگ سبب سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ غير قانوني آهي: يورپي يونين

برسلز-07 اپريل (اي پي پي) يورپي يونين جي اڳواڻ انتونيو ڪوسٽا چيو آهي ته ايران ۾ جنگ دوران سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بنائڻ غير قانوني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوستا سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته شهري انفراسٽرڪچر، خاص طور تي توانائي جي سهولتن کي نشانو بڻائڻ غير قانوني ۽ ناقابل قبول آهي. اهو قانون روس _ يوڪرين جنگ تي به لاڳو …

برسلز-07 اپريل (اي پي پي) يورپي يونين جي اڳواڻ انتونيو ڪوسٽا چيو آهي ته ايران ۾ جنگ دوران سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بنائڻ غير قانوني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوستا سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته شهري انفراسٽرڪچر، خاص طور تي توانائي جي سهولتن کي نشانو بڻائڻ غير قانوني ۽ ناقابل قبول آهي. اهو قانون روس _ يوڪرين جنگ تي به لاڳو ٿئي ٿو ۽ هر هنڌ لاڳو ٿئي ٿو. ايراني شهري آبادي ايران جي حڪومت کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي جيڪڏهن فوجي ڪارروائي جو دائرو وسيع ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو هيو ته جيڪڏهن آبنائي هرمز کي ٻيهر نه کوليو ويو ته ان جي سول انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويندو.