بينڪاڪ _7 اپريل (اي پي پي) ٿائيلينڊ ۾ وزيراعظم انوتن چران ويراڪول جي قيادت ۾ نئين اتحادي حڪومت پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ميمبرن جي ڪابينا گذريل هفتي شاهي منظوري کان پوءِ بينڪاڪ جي محل ۾ منعقد ٿيل هڪ روايتي تقريب دوران بادشاهه ماها وجيرالونگ ڪورن جي سامهون وفاداري جو حلف کنيو. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم انوتن سميت 7 نائب وزيراعظم ڪابينا جا ٻيا وزير ۽ انهن جا …
ٿائيلينڊ جي نئين اتحادي حڪومت حلف کڻي ورتو، انوتن چران ويراڪول نئون وزيراعظم چونڊجي ويو

مزید خبریں
بينڪاڪ _7 اپريل (اي پي پي) ٿائيلينڊ ۾ وزيراعظم انوتن چران ويراڪول جي قيادت ۾ نئين اتحادي حڪومت پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ميمبرن جي ڪابينا گذريل هفتي شاهي منظوري کان پوءِ بينڪاڪ جي محل ۾ منعقد ٿيل هڪ روايتي تقريب دوران بادشاهه ماها وجيرالونگ ڪورن جي سامهون وفاداري جو حلف کنيو. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم انوتن سميت 7 نائب وزيراعظم ڪابينا جا ٻيا وزير ۽ انهن جا نائب به شامل هئا. تقريب کان پوءِ وزيراعظم گورنمينٽ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي. 59 سالن جي انوتن چران ويراڪول، جيڪو ڀوم جائٿائي پارٽي جو اڳواڻ آهي مارچ ۾ پارلياماني ووٽ کٽڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊيو ويو. نئون وزيراعظم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پارليامينٽ ۾ پنهنجي پاليسي تقرير پيش ڪندو، جنهن کان پوءِ حڪومت باضابطه طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي.











