وزيراعظم پاران قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي قومي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ۽ بيٽري توانائي اسٽوريج سسٽم جي منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي قومي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ۽ بيٽري توانائي اسٽوريج سسٽم جي منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري تيل جي پهچ ۾ رڪاوٽن جي باوجود ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ قابل تجديد توانائي جو …

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي قومي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ۽ بيٽري توانائي اسٽوريج سسٽم جي منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري تيل جي پهچ ۾ رڪاوٽن جي باوجود ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ قابل تجديد توانائي جو مناسب حصو هجڻ جي ڪري توانائي جو بحران پيدا نه ٿيو، شمسي توانائي ۽ ٻين قابل تجديد توانائي جا ذريعا ئي بجلي جي شعبي جو مستقبل آهي. هو پنهنجي صدارت ۾ مستقبل جي ضرورتن جي ڏس ۾ بجلي جي فراهمي جي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ۽ تازي عالمي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪي روانگي واپار جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڊاڪٽر احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، سردار اويس احمد لغاري، جنيد انوار چوڌري، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاونين هارون اختر ۽ طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري تيل جي پهچ ۾ رڪاوٽن جي باوجود ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ قابل تجديد توانائي جو مناسب حصو هجڻ جي ڪري توانائي جو بحران پيدا نه ٿيو. هن بيٽري توانائي اسٽوريج سسٽم جي منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته  شمسي توانائي ۽ ٻيا قابل تجديد توانائي جا ذريعا ئي بجلي جي شعبي جو مستقبل آهن. وزيراعظم قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي قومي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تازي عالمي ڇڪتاڻ ۽ چئلينجز جي باوجود نار ملڪن کي پاڪستاني برآمدات جاري آهي. وزيراعظم پي اين ايس سي کي سامونڊي رستي سان ملڪي برآمدات وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي جهازن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ جي باوجود ڪامياب سفارتڪاري سان نار ملڪن کي پاڪستاني برآمدات جي پهچ يقيني بڻائي وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار جي حوالي سان ڊگهي مدي واري حڪمت عملي، تازي عالمي صورتحال ۾ ملڪي برآمدات جي لاءِ موقعن ۽ درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌاييو ويو ته هن وقت بجلي جي ڪل پيداوار ۾ 55 سيڪڙو حصو قابل تجديد ذريعن ۽ 45 سيڪڙو حصو حياتياتي ٻارڻ جو آهي، ايندڙ 10 سالن ۾ بجلي جي قابل تجديد  ذريعن سان پيداوار 90 سيڪڙو تائين جڏهن ته حياتياتي ٻارڻ سان پيداوار 10 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ منصوبابندي تي ڪم جاري آهي، تازي علائقائي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ملڪي برآمدات جي لاءِ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ نار ملڪن سان سفارتي ڪوششون جاري آهن. بريفنگ موجب نار ملڪن ۾ پاڪستاني زرعي جنسن جي گهرج ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي.