اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحتمند قوم جي تعمير جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي عوام، ماحول ۽ ايندڙ نسل جي صحت جو تحفظ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت هڪ مضبوط، منصفاڻي ۽ مستحڪم صحت جي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صحتمند قوم جي تعمير جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحتمند قوم جي تعمير جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي عوام، ماحول ۽ ايندڙ نسل جي صحت جو تحفظ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت هڪ مضبوط، منصفاڻي ۽ مستحڪم صحت جي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان هڪ آواز ٿي صحت جو عالمي ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائي رهيو آهي. صحت جو عالمي ڏهاڙو سڀاڻي اڱاري ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هن چيو ته اسان صحتمند قوم جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن سال ان ڏينهن جو عنوان ”صحت جي لاءِ متحد ٿيو، سائنس جو ساٿ ڏيو“ هڪ انتهائي مثبت پيغام آهي. اهو موضوع اسان کي ياد ڏياري ٿو ته سائنس جو انسانن جي ڀلائي لاءِ عملي ۽ ڪارائتو استعمال ئي اصل مقصد آهي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي جدت جي گهرج آهي ته سائنس جي اهميت کي اهڙي پاليسي ۽ خدمتن ۾ آڻيون جيڪا عوام، ماحول ۽ ايندڙ نسل جي صحت جو تحفظ ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي صحت جي نظام کي هڪ اهڙي ماڊل طرف منتقل ڪري رهيو آهي جيڪو رڳو بيماري جي علاج بدران ان جي روڪٿام ۽ صحت جي فروغ تي ٻڌل هجي. جتي بنيادي صحت جي سهولتن کي صحت جي عمومي فراهمي جو بنياد بڻايو ويو آهي. پاڪستان ”علاج تي ٻڌل نظام“ کان ”روڪٿام ۽ صحت جي فروغ جي نظام“ طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته صحت نه رڳو انفرادي ترجيح پر اها معاشي ترقي، قومي استحڪام ۽ سماجي معيار زندگي جو بنياد پڻ آهي. پاڪستان حڪومت هڪ مضبوط، منصفاڻي ۽ مستحڪم صحت جي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو جدت ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل هجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن شروعاتي ملڪن ۾ شامل آهي جن قومي ۽ صوبائي سطح تي ضروري طبي خدمتون جي پئڪيج جي لاڳت جو تعين ڪيو آهي. نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام جي ذريعي اسان ضلعن جي سطح تي اي پي ايڇ ايس جي لاڳو کي سگهه ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هر شهري کي بنيادي صحت جي سهولتن تائين پهچ حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل هيلٿ اسان جي ايندڙ قومي صحت ۽ آبادي پاليسي (2026 – 2035ع) جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. اسان ڊسٽرڪٽ هيلٿ انفارميشن سسٽم _ 2، ٽيلي ميڊيسن ۽ ڊيٽا نظام کي ٺوس بڻائي رهيا آهيون ته جيئن خدمتن جي فراهمي، شفافيت ۽ فيصلاسازي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته معياري صحت جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي روڪٿام، پاڻي ۽ صفائي ۽ غذائيت جهڙن عملن تي ڌيان ڏيڻ به ضروري آهي. حڪومت انهن عملن تي گهڻ رخي شعباجاتي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحت جي نظام ۾ مالي مدد کي مضبوط بڻائڻ، خرچن جي بهتر نگراني ۽ انشورنس جهڙي مالي تحفظ جي قدمن کي سگهه ڏيڻ تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي. اسان جو هدف اهو يقيني بڻائڻ آهي ته صحت جي خرچن جي ڪري ڪو پاڪستاني غربت جو شڪار نه ٿئي. هن چيو ته اڄ صحت جي عالمي ڏهاڙي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سمورن لاڳاپيل ادارن، ترقياتي حصيدارن، نجي شعبي، تعليمي ادارن جي لاءِ عزم جي ورجاءُ جو ڏينهن آهي ته اهي گڏيل تعاون ۽ جدت تي ٻڌل قدمن جي ذريعي هڪ صحتمند ۽ مستحڪم پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪن.












