پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بازارون، مارڪيٽون، شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد - 06 اپريل (اي پي پي) پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بازارون، مارڪيٽون، شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، خيبرپختونخواهه جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ بازارون، مارڪيٽس ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي، بيڪريون، ريسٽورانٽس، تندور ۽ کاڌي پيتي جا ٻيا دڪان رات 10 وڳي بند ڪيا …

اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بازارون، مارڪيٽون، شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، خيبرپختونخواهه جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ بازارون، مارڪيٽس ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي، بيڪريون، ريسٽورانٽس، تندور ۽ کاڌي پيتي جا ٻيا دڪان رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا، ميرج هالز، مارڪيز ۽ ٻيون ڪمرشل جايون جن ۾ شاديون منعقد ٿين ٿيون رات 10 وڳي کانپوءِ بند رهنديون، ميڊيڪل اسٽورز ۽ فارميسيز کي انهن پابندين کان ڇوٽ هوندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم مصنوعات، توانائي جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بازارون، مارڪيٽون، شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا. خيبرپختونخواهه جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ بازارون، مارڪيٽس ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي، اهو فيصلو صوبائي حڪومت جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي. روزاني جي استعمال جي شين جا دڪان، ڊپارٽمينٽل اسٽورز ۽ هر قسم جا مالز پڻ رات 8 وڳي بند ٿيندا، بيڪريون، ريسٽورانٽس، تندور ۽ کاڌي پيتي جا ٻيا دڪان رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا. ميرج هالز، مارڪيز ۽ ٻيون ڪمرشل جايون جن ۾ شاديون منعقد ٿين ٿيون، رات 10 وڳي کانپوءِ بند رهنديون. نجي پراپرٽيز ۽ گهرن ۾ به شادين جون تقريبون رات 10 وڳي کانپوءِ منعقد ڪرڻ تي پابندي هوندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميڊيڪل اسٽورز ۽ فارميسيز کي انهن پابندين کان ڇوٽ هوندي، اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو لاڳو 7 اپريل کان ٿيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ صوبي ۾ مارڪيٽس ۽ ٻين وقتن جي حوالي سان مشاورت جو عمل جاري آهي، وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ ڏنل سبسڊي ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي، 1 لک ٽرانزيڪشن ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪريون ٿا ته انهن قومي اهميت جي انهن اهم معاملن ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو، سنڌ حڪومت جي ڌرين سان مشاورت جاري آهي. مون کي اميد آهي ته سنڌ جو وڏو وزير به ان حوالي سان جلد مشاورت جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان فيصلي ۾ شامل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته گلگت شهر ۽ مظفرآباد شهر ۾ انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ هڪ مهيني جي لاءِ مفت هوندي ان جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.