اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پارلياماني نائب پرڏيهي وزير حميش فالڪنر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حميش فالڪنر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي برطانيا جي پارلياماني نائب پرڏيهي وزير حميش فالڪنر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پارلياماني نائب پرڏيهي وزير حميش فالڪنر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حميش فالڪنر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












