نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ فيول سبسڊي اسڪيم بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فيول سبسڊي اسڪيم بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام کي ريليف جي فراهمي بشمول موٽرسائيڪلن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن جي لاءِ سبسڊي کي جلد کان جلد فعال ڪيو وڃي. اجلاس …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فيول سبسڊي اسڪيم بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام کي ريليف جي فراهمي بشمول موٽرسائيڪلن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن جي لاءِ سبسڊي کي جلد کان جلد فعال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ صوبائي عملدارن جي تعاون سان پبلڪ سروس ٽرانسپورٽ گاڏين جي لاءِ فنڊز جي فراهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي. صوبائي نمائندن اهو به ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سبسڊي جي رجسٽريشن جي لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن لانچ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ادائيگين جو سلسلو اڄ  شام کان شروع ٿي ويندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تاڪيد ڪئي ته سبسڊي جو طريقيڪار سادو، آسان، شفاف ۽ وسيع پئماني تي مشتهر ٿيڻ گهرجي ته جيئن مستحق شهرين کي ان جو وڌ کان وڌ فائدو پهچي سگهي. اجلاس ۾ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام واري سيڪريٽري، پيٽروليم واري سيڪريٽري، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.