نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڊيجيٽل معيشت بابت اجلاس

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊيجيٽل معيشت بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم آءِ ٽي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري، جدت (انوويشن) جي فروغ ۽ عوامي خدمتن جي …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊيجيٽل معيشت بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم آءِ ٽي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري، جدت (انوويشن) جي فروغ ۽ عوامي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ ڊيجيٽل حڪمراني کي موثر بڻائڻ جي ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه ۽ آءِ ٽي، واپار ۽ ناڻي واري وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.