اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عدليه وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي مضبوط بنائڻ انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت لاءِ نهايت اهم آهي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ترڪيه جي آئيني عدالت جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي ميزبانيءَ جي موقعي تي ڪئي. وفد جي قيادت …
پاڪستان ۽ ترڪيه جي عدليه وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي مضبوط بنائڻ انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت لاءِ نهايت اهم آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عدليه وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي مضبوط بنائڻ انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت لاءِ نهايت اهم آهي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ترڪيه جي آئيني عدالت جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي ميزبانيءَ جي موقعي تي ڪئي. وفد جي قيادت ترڪيه جي آئيني عدالت جو صدر قادر اوزڪايا ڪري رهيو هو، جيڪو سرڪاري مهمان جي حيثيت سان پاڪستان جي دؤري تي آيل آهي. دؤري جي اهم ۽ خاص ڳالهه ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عدليه وچ ۾ عدالتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح ڪرڻ هئي. ان معاهدي تي چيف جسٽس ۽ صدر قادر اوزڪايا سپريم ڪورٽ ۾ رٿيل تقريب دوران صحيح ڪئي. تقريب ۾ وفاقي آئيني عدالت جا جج، چئني هاءِ ڪورٽن سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف جسٽسز، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، پاڪستان جي اٽارني جنرل، اعليٰ سرڪاري عملدارن، ضلعي عدليه جي آفيسرن ۽ وڪيل برداريءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ان نوعيت جي رابطا عدالتي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان موقعي تي صدر قادر اوزڪايا مهمان نوازيءَ تي شڪريو ادا ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل عدالتي ڳالهين ۽ تجربن جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڀريو. مفاهمتي يادداشت ۾ عدالتي سهڪار لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ججن جي بدلين، سگهه ۾ واڌ، پيشيوراڻي تربيت، عدالتي طريقيڪار ۽ انتظامي معاملن ۾ بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن. خاص طور تي ضلعي عدليه جي پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل پروگرامن، تعليمي مٽاسٽا ۽ مختلف قانونن نظامن جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو ويو آهي. معاهدي ۾ عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، ڊجيٽلائزيشن ۽ اي ڪورٽس جي قيام ذريعي شفافيت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جون شقون به شامل آهن. ان کان علاوه گڏيل تحقيق، قانوني علم ۽ عدالتي مثالن جي مٽاسٽا ۽ اثرائتي عملدرآمد لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام جو به ذڪر ڪيو آهي. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪ – ترڪ دوستي جي علامت طور وفد سپريم ڪورٽ جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي مضبوط ڀائراڻن ناتن ۽ پائيداري جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. اها اڳڀرائي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عدالتي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني ۽ اداره جاتي سڌارن کي هٿي وٺرائڻ کي هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.












