اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ معاشي گورننس بابت اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي اقتصادي نظام کي اثرائتي ۽ سيڙپڪار دوست بنائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته معاشي گورننس کي سادو، شفاف ۽ بزنس فرينڊلي بنائڻ حڪومت جي پهرين قومي ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نظام …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ معاشي گورننس بابت اجلاس
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ معاشي گورننس بابت اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي اقتصادي نظام کي اثرائتي ۽ سيڙپڪار دوست بنائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته معاشي گورننس کي سادو، شفاف ۽ بزنس فرينڊلي بنائڻ حڪومت جي پهرين قومي ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نظام کي ان انداز ۾ اختيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن وڏي سيڙپڪاريءَ جي حوصله افزائي ٿئي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ اهڙو جامع نظام جوڙي رهي آهي جنهن سان پاڪستان جي روانگي واپار جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ روانگي واپار وڌائڻ وارين ڪمپنين کي ٽيڪس ۾ خاص مراعتون ڏيڻ جون سفارشون غور هيٺ آهن. احسن اقبال زور ڀريو ته روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ملڪ لاءِ نيشنل ايمرجنسي جي حيثيت رکي ٿو ۽ پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هر سال گهٽ ۾ گهٽ 5 ارب ڊالر جي واڌ روانگي واپار سان ڪئي وڃي. هن پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ خطي ۾ سيڙپڪاري لاءِ هڪ وڏو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکو ٿو. عالمي حالتن جي روشنيءَ ۾ اسلام آباد کي محفوظ سيڙپڪاري هَب طور تي اُڀاري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته سيڙپڪارن لاءِ اسلام آباد کي پهرين ترجيحي ماڳ بنائڻ لاءِ پاليسي قدم تيز ڪيا وڃن.












