اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته توانائي مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ فعال رابطا ڪاري، اثرائتي نگراني ۽ مستقل عملدرآمد اڻٽر آهي، ٻارڻ جي بنا رنڊڪ دستيابيءَ کي يقيني بنائڻ، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ترجيح آهي، ذميداراڻي صارف رويي جي حوصلا افزائي به ضروري آهي. هن …
توانائي مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ فعال رابطا ڪاري، اثرائتي نگراني ۽ مستقل عملدرآمد اڻٽر آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته توانائي مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ فعال رابطا ڪاري، اثرائتي نگراني ۽ مستقل عملدرآمد اڻٽر آهي، ٻارڻ جي بنا رنڊڪ دستيابيءَ کي يقيني بنائڻ، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ترجيح آهي، ذميداراڻي صارف رويي جي حوصلا افزائي به ضروري آهي. هن اها ڳالهه پيٽروليم شين جي قيمتن جي نگراني لاءِ اسٽيڊنگ ڪابينه ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قيمتن ۾ تازي ڦيرڦار کانپوءِ پيٽروليم شين جي فراهميءَ جي صورتحال ۽ مارڪيٽ جي حالتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سپلاءِ جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ، مارڪيٽ ۾ نظم و ضبط برقرار رکڻ ۽ سپلاءِ چين جي سمورن مرحلن تي نگرانيءَ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڪميٽيءَ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن جي مجموعي صورتحال، آمدني واپار وارن منصوبن ۽ ريفائنري آپريشنز جو تفصيلي جائزو ورتو. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته مجموعي طور تي سپلاءِ جي صورتحال مستحڪم آهي، ڊيزل جا ذخيرا اٽڪل 25 ڏينهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، پيٽرول جي دستياب موجوده طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ مناسب آهي، جڏهن ته ڪچي تيل جا ذخيرا تقريبن 12 ڏينهن لاءِ دستياب آهن، جنهن کي ايندڙ ڪارگو کيپن ۽ طئي ٿيل روانگي واپار جي مدد حاصل آهي. پيٽرول ڊويزن طرفان ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته ايندڙ هفتن لاءِ آمدني واپاري انتظام ڪمرشل خريداري ۽ بين الحڪومتي معاهدن ذريعي وقت سر جاري آهن، پيداوار برقرار رهڻ ۽ ڪچي تيل جي اثرائتي انداز ۾ ريفائن ٿيل مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ريفائنريون بهترين سطح تي ڪم ڪري رهيون آهن. ڪميٽي ان ڳالهه کي به نوٽ ڪيو ته اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي، زراعت، ڀاڻ ٺاهيندڙ، ٽرانسپورٽ ۽ صنعت جهڙن اهم شعبن جي معاونت لاءِ نهايت اهم آهي ۽ اهو معاشي سرگرمين جي تسلسل ۽ قيمتن جي استحڪام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. قيمتن ۾ تازي تبديليءَ جي روشنيءَ ۾ ڪميٽي سپلاءِ چين جي سمورن مرحلن تي مسلسل نگراني برقرار رکڻ تي زور ڀريو ته جيئن ذخيره اندوزي، قياس آرائين تي ٻَڌل سرگرمين ۽ مصنوعات جي دستيابيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي روڪي سگهجي. طلب جي رجحانن، خاص ڪري مقامي سطح تي کپت ۾ ٿيل فرق جي ويجهي نگراني جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن سپلاءِ جو متوازن انتظام ممڪن بڻائي سگهجي. ڪميٽي بنا جواز ذخيره اندوزي جي حوصله شڪني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ اندر مارڪيٽ ۾ بي ضابطگين جي تدارڪ جي ضرورت تي به زور ڀريو. اجلاس ۾ گيس جي فراهميءَ جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي ذخيري جي پوزيشن شامل هئي، گهريلو صارفين لاءِ گيس جي دستيابي جي انتظام ۽ گيس جي ورڇ کي گهريلو ۽ بجلي جي شعبن وچ ۾ متوازن رکڻ جي مختلف آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميمبرن موسمي طلب ۽ ايل پي جي ڀارڻ تي وڌيڪ پيشِ نظر وسيلن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنائڻ لاءِ متوازن ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪميٽي اوگرا طرفان متعارف ڪرايل ڊجيٽل ڊيش بورڊ ذريعي نگراني ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل نظام کي مضبوط بنائڻ تي خاص زور ڀريو، جيڪو ڊيپو کان وٺي ريٽيل آئوٽ ليٽس تائين ذخيرن جي سطح، وِڪري ۽ سپلاءِ جي صورتحال کي حقيقي وقت ۾ ڏسڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته هي ڊيش بورڊ وِڪري، اسٽاڪ ۽ طلب ۾ لاهن چاڙهن جهڙن اهم اهڃاڻن جي نگراني لاءِ مرڪزي ڪم ڪندو جنهن سان سپلاءِ ۾ امڪاني خلا جي وقت سر نشاندهي ۽ معقول فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪميٽيءَ نوٽ ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ موجود 12 هزار کان وڌيڪ پيٽرول پمپس جي ڳاڻيٽي کي نظر ۾ رکندي ريٽيل آئوٽ ليٽس مان ڊيٽا رپورٽنگ موجوده اميدن کان گهٽ آهي، ڪميٽيءَ نظام جي مڪمل فعال هئڻ جي صورت تي زور ڀريو ته جيئن ان جا مقصد حاصل ڪري سگهجن. ناڻي واري وزير ڊيٽا جي وقت سر لاڳو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريندي سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي فيصلا سازي لاءِ ڊيش بورڊ جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنائڻ جي خاطري ڄاڻ جي فوري ۽ درست فراهميءَ کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. اوگرا کي هدايت ڏني وئي ته ڊيٽا رپورٽنگ جي گهرجن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائي، سپلاءِ چين ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري، ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان ويجها رابطا برقرار رکيا وڃن ته جيئن نظام کي هموار لاڳو ڪرڻ ممڪن بڻائي سگهجي. ان سلسلي ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل پنهنجي ريٽيل نيٽ ورڪ ۾ نگرانيءَ کي وڌيڪ اثرائتو بنائيندو ۽ ترجيحي بنيادن تي رپورٽنگ جي دائره ڪار کي هٿي وٺرائيندو. عملدرآمد کي مضبوط بنائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن، اوگرا، ايف آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي نمائندن تي ٻَڌل گڏيل ٽيمون اسلام آباد ۾ چونڊيل پي ايس او ۽ پيٽرول پمپس تي مقرر ڪيون وينديون ته جيئن وقت سر ڊيٽا داخلا، اسٽاڪ جي شفافيت ۾ بهتري ۽ آپريشنل قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽيءَ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهڙي نظام کي اداره جاتي شڪل ڏني وڃي ته جيئن نگراني مضبوط ٿئي، احتساب ۾ واڌ ٿئي ۽ ريٽيل نيٽ ورڪ ۾ رپورٽنگ جي طريقيڪار ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿئي. اجلاس ۾ پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وفاقي وزير رانا تنوير حسين (ورچوئل)، وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري (ورچوئل) ۽ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري (ورچوئل) کان علاوه لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.












