اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه نئين اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ته اها ٽيڪنالاجي عدم مساوات وڌائڻ بدران موقعن کي برابر ڪرڻ جو ذريعو بڻجي. وزارت مان جاري بيان موجب آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊجيٽلائزيشن فار وومين اڪنامڪ امپاورمينٽ وزارت (ڊي فور ڊبليو اي …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران مصنوعي ذهانت لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه نئين اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ته اها ٽيڪنالاجي عدم مساوات وڌائڻ بدران موقعن کي برابر ڪرڻ جو ذريعو بڻجي. وزارت مان جاري بيان موجب آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊجيٽلائزيشن فار وومين اڪنامڪ امپاورمينٽ وزارت (ڊي فور ڊبليو اي اي) منصوبي جي قومي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي سربراهه آهي، اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي وومن ڪنٽري آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس جو مقصد منصوبي جي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ هو. هي چار سالن جو منصوبو (28-2024ع) ڪوريا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (ڪوئيڪا) جي مالي معاونت سان جاري آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي ان منصوبي جو اعليٰ ترين فورم آهي جيڪو اسٽريٽجنگ نگراني، پاليسي لاڳو ڪرڻ جي رهنمائي ۽ احتساب کي يقيني بڻائي ٿو. اجلاس ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي اهم ڀائيوارن شرڪت ڪئي، ته جيئن جاري قدمن جو جائزو وٺي سگهجي ۽ پروگرام جي اثرائتن هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اسٽيئرنگ ڪميٽي جي مينڊيٽ تي روشني وجهندي چيو ته منصوبي جي نتيجن کي اداره جاتي حڪمت عملين ۾ شامل ڪرڻ، منصوبي جي مُدت کانپوءِ به پائيداريءَ کي يقيني بڻائڻ ۽ صنفي بنيادن تي ورهايل نتيجن جي حقيقي وقت ۾ نگراني نهايت اهم آهي. هن پاڪستان ۾ ڊجيٽل شموليت ۾ اڳڀرائيءَ جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته گذريل سال عورتن ۽ مردن وچ ۾ موبائل استعمال جو فرق 36 کان 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 25 سيڪڙو رهجي ويو آهي جڏهن ته رمضان ڊجيٽل ادائگي قدمن ذريعي عورتن لاءِ 8 لک کان وڌيڪ ڊجيٽل والٽس به قائم ڪيا ويا. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حڪومت پُٺتي پيل علائقن جي عورتن کي ڊجيٽل خدمتن ۽ مالي شموليت تائين پهچ لاءِ 70 لک مفت سمز به فراهم ڪيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۾ عورتن جي شموليت نهايت اهم آهي ڇاڪاڻ ته ان جي وڏي حد تائين غير رسمي شعبي کي جيڪا تقريبن 50 سيڪڙو جي ڊي پي تي مشتمل آهي، باقاعده بڻائي سگهجي ٿو. عورتن جي وڌندڙ ڀائيواري قوت ۾ واڌ، في ڪس پيداواريت ۾ بهتري ۽ پائيدار ٽيلنٽ جي فراهمي کي يقيني بنائي ٿي. هن اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، خاص ڪري مصنوعي ذهانت لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن اها ٽيڪنالاجي عدم مساوات وڌائڻ بدران موقعن کي برابر ڪرڻ جو ذريعو بڻجي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ڀائيوارن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بين الاداري جاتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي، پروگرام تي عملدرآمد کي تيز ڪيو ويندو ۽ ڪاميابين کي جٽادار پاليسي سڌارن ۾ تبديل ڪيو ويندو. پيمائش جوڳن نتيجن جي نگراني ۽ ڊجيٽل شموليت کي بنيادي حڪمت عملين ۾ شامل ڪندي وزارت جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوشان آهي ته پاڪستان جي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ڊجيٽل معيشت ۾ عورتون مرڪزي ڪردار ادا ڪن، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشن ويزن تحت ممڪن بڻايو پيو وڃي.












