اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي اهم مسئلي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جو وقفو معطل ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ سمورين پارٽين جي ميمبرن طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ان اهم مسئلي تي معمول جي ڪارروائي روڪي ان تي بحث ڪيو وڃي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رِٿ پيش …
پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جو وقفو معطل
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي اهم مسئلي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جو وقفو معطل ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ سمورين پارٽين جي ميمبرن طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ان اهم مسئلي تي معمول جي ڪارروائي روڪي ان تي بحث ڪيو وڃي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رِٿ پيش ڪئي ته ايوان ۾ ايجنڊا جي ڪارروائي معطل ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ تي بحث ڪيو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ مخالف ڌر ميمبر شاهد خٽڪ چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ کي ايوان ۾ بحث هيٺ آندو وڃي. وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته جيڪڏهن ان تي سنجيده بحث ڪرڻو آهي ته ان تي هاڪاري تجويزون ڏيڻيون آهن ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي، جڏهن ته گذريل ٻن سالن وانگر ان تي پوائنٽ اسڪورنگ نه هئڻ گهرجي. سيد نويد قمر ۽ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي ميمبر امين الحق به تجويز ڏني ته ان تي بحث ڪرايو وڃي، هي اهم مسئلو آهي.












