سنڌ جي گورنر سان پاڪستان برٽن بزنس ڪائونسل جي وفد جي ملاقات

ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻطرفي واپاري حجم ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ڪافي موقعا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پاڪستان برٽن بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي چيف ايگزيڪيوٽو راشد …

ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻطرفي واپاري حجم ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ڪافي موقعا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پاڪستان برٽن بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي چيف ايگزيڪيوٽو راشد اقبال ڪئي، جڏهن ته وفد ۾ برطانيه ۽ پاڪستان جون اهم ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. چيف ايگزيڪيوٽو راشد اقبال، گورنر کي ٻڌايو ته برطانوي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ڪائونسل جي ڪوششن جي نتيجي ۾ برطانيه جي پرڏيهي سيڙپڪاري جي ترجيحي فهرست ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان برٽن بزنس ڪائونسل تعليم، ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي ۽ کاڌي جي شعبن ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وزارت واپار ۽ ٽي ڊي اي پي سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن پاڪستان برٽن بزنس ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته گورنر هائوس ۾ واپاري ۽ ڪاروباري تقريبون منعقد ڪرڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن وڌيڪ چيو ته برطانوي ڪمپنين کي ڪراچي ۾ پنهنجون علائقائي آفيسون قائم ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ هڪ پرڪشش مرڪز بڻجي چڪو آهي.