اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جٽادار روانگي واپار جي ترقيءَ لاءِ چٽاڀيٽي، پيداواري ڳاڻيٽو ۽ پاليسيءَ ۾ تسلسل بنيادي عنصر آهن، صنعت ۽ حڪومتي ادارن وچ ۾ مسلسل رابطا مستقبل جي پاليسي سازي لاءِ اڻٽر آهن. هن اها ڳالهه هتي اليڪٽرڪ فين جي صنعت سان واڳيل نمائندن جي وفد سان ورچوئل ملاقات دوران ڪئي. وفد جي …
جٽادار روانگي واپار جي ترقيءَ لاءِ چٽاڀيٽي، پيداواري ڳاڻيٽو ۽ پاليسيءَ ۾ تسلسل بنيادي عنصر آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جٽادار روانگي واپار جي ترقيءَ لاءِ چٽاڀيٽي، پيداواري ڳاڻيٽو ۽ پاليسيءَ ۾ تسلسل بنيادي عنصر آهن، صنعت ۽ حڪومتي ادارن وچ ۾ مسلسل رابطا مستقبل جي پاليسي سازي لاءِ اڻٽر آهن. هن اها ڳالهه هتي اليڪٽرڪ فين جي صنعت سان واڳيل نمائندن جي وفد سان ورچوئل ملاقات دوران ڪئي. وفد جي قيادت فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان اليڪٽرڪ فين مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جا ميمبر ڪري رهيا هئا. ملاقات ۾ شعبي کي درپيش مسئلن، روانگي واپار جي امڪانن ۽ حڪومتي معاونت جي مختلف رُخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير ويجهڙ ۾ ئي لاهور ۾ اي پي سي سي آءِ جي ڪاروباري نمائندن سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏنو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت مختلف صنعتي شعبن سان سڌيءَ ريت مشاورت جاري رکندي ته جيئن سندن ڪاروباري حالتن کي بهتر طور تي سمجهي سگهي ۽ ان جي ترقيءَ ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. وفد پَکن جي صنعت جي ڍانچي ۽ معيشت ۾ ان جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته اها مڪمل طور تي مقامي سطح تي قائم صنعت آهي، جنهن ۾ اٽڪل 300 ڪارخانا شامل آهن، جيڪي وڌيڪ گجرات ۽ گوجرانوالا ۾ واقع آهن. اها صنعت روزگار جي حوالي سان به نمايان ڪردار ادا ڪري ٿي، جتي اٽڪل 40 هزار ماڻهن کي سڌيءَ ريت، جڏهن ته ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي اڻ سڌيءَ ريت روزگار فراهم ڪيو ويو آهي، اها صنعت مقامي سطح تي قدر ۾ واڌ (ويليو ايڊيشن) به نمايان آهي. وفد خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ روانگي واپار جي حوالي سان صنعت جي ڪارڪردگي ۽ تازن رجحانن کان به ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ صنعت طرفان توانائي بچائڻ وارن ڊي سي فين ٽيڪنالاجي طرف منتقليءَ تي به ڳالهيون ٿيون. وفد ٻُڌايو ته صنعت وڏي سطح تي روايتي پکن کي توانائي بچائڻ وارن پکن کان تبديل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، جنهن سان بجلي جي کپت ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير چيو ته جيتوڻيڪ ان حوالي سان پاليسي فريم ورڪ موجود آهي پر ان جي اثرائتي لاڳو ڪرڻ لاءِ عوامي آگاهي ۾ واڌ ۽ مالياتي ادارن سان بهتر رابطا ضروري آهن. هن عملدرآمد ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ان ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال تيزيءَ سان وڌي سگهي. ملاقات ۾ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ لاءِ مالي وسيلن تائين پهچ جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻُڌايو ته توانائي بچت منصوبن تحت امڪاني طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ پيداوار وڌائڻي پوندي. ناڻي واري وزير چيو ته پيداواري شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي آسان بنائڻ جي ضرورت آهي ۽ موجوده مالياتي سهولتن جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن کين صنعت جي ضرورتن موجب بهتر بڻائي سگهجي. صنعت جي نمائندن ڪجهه بنيادي ۽ پاليسيءَ بابت مسئلن خاص طور تي ٽامي ۽ ايليومينيم جهڙي اهم ڪچي مال جي دستيابي ۽ استعمال جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي به ڪئي. ناڻي واري وزير کي ٻُڌايو ويو ته انهن ڪَچي شين جي ڪَچي شڪل ۾ روانگي واپار ۾ واڌ سان مقامي ويليو ايڊڊ صنعت متاثر ٿي رهي آهي، ان لاءِ اهڙي متوازن پاليسيءَ جي ضرورت آهي جيڪا ملڪ جي اندر قدر ۾ واڌ ڪندڙ صنعت کي هٿي ڏي. ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي درپيش مالي مسئلن، مثلاً ٽيڪس ريفنڊز جي وقت سر ادائگي، روانگي واپار ۾ سهولت ۽ ڪچي مال تي لاڳو ٽيرف جي معاملن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزير چيو ته جاري سڌارن جو مقصد پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ آهي. ناڻي واري وزير صنعتڪارن کي هدايت ڏني ته اهو پنهنجي مخصوص وسيلن جا تفصيل حڪومت سان شيئر ڪيا ته جيئن ان جو اثرائتو حل تلاش ڪري سگهجي. اجلاس ۾ برقي اوزارن جي صنعت جي چٽاڀيٽي وڌائڻ ۽ نئين منڊين تائين پهچ جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن لاءِ حڪومتي معاونت ۽ جدت کي اهم قرار ڏنو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پائيدار روانگي واپار جي ترقي لاءِ چٽاڀيٽي، پيداواري ڳاڻيٽو ۽ پاليسيءَ ۾ تلسسل بنيادي عنصر آهن. هن واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ ٽيڪس پاليسي اهم آهي، پر مالي وسيلن تائين پهچ، توانائيءَ جي بچت ۽ نئين منڊين جي تلاش به صنعتي ترقيءَ لاءِ ايتري ئي ضروري آهي. هن صنعتن ۽ حڪومتي ادارن وچ ۾ مسلسل رابطن کي مستقبل جي پاليسي سازيءَ لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. ناڻي واري وزير توانائي بچائڻ وارين ٽيڪنالاجيز کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور پڻ زور ڀريو ۽ چيو ته موجوده حڪومتي قدمن جي باري ۾ آگاهي ۽ ان تي اثرائتي عملدرآمد ئي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ جي چاٻي آهي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ناڻي واري وزير ويليو ايڊڊ مينيوفيڪچرنگ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل صنعتن جي مڪمل حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته صنعت جي نمائندن سان مسلسل مشاورت آئينده مشاورت آئينده معاشي منصوبا بندي جو اهم حصو رهندي. اجلاس ۾ ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ناڻي وزارت، ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نبيل احمد الياس (پي اي ايف ايم اي جو چيئرمين)، ايم اظهر اسلم (چيئرمين ايڪسپورٽ ڪميٽي پي اي ايف ايم اي)، ياسر احسان (ڊائريڪٽر پاڪ فينز)، عماد رفيق (ڊائريڪٽر رائل فينز) ۽ ايم فيصل افضل (سي اي او سپر ايشيا گروپ) سميت ٻين نمائندن شرڪت ڪئي.












