اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1100 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 91 هزار 462 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار 100 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 91 هزار 4 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 943 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 20 هزار 406 رپين مان وڌي 4 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1100 رپين جي واڌ رڪارڊ
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1100 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 91 هزار 462 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار 100 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 91 هزار 4 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 943 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 20 هزار 406 رپين مان وڌي 4 لک 21 هزار 349 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 86 هزار 485 رپين مان وڌي 3 لک86 هزار 250 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 50 رپين جي گهٽتائي سان 7744 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 43 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6639 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4676 ڊالرز مان وڌي 4687 ڊالرز ٿي وئي آهي.












